محبوب سنڌي

محبوب سنڌي

محبوب سنڌي

محبوب سنڌي: مشھور ڊرامه نويس، شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس محبوب سنڌي ولد غلام مصطفى ڪنڀر جو جنم 24 مارچ 1982ع تي دادو شھر ۾ ٿيو. سندس اَصل نالو محبوب عالم آهي. سندس والد غلام مصطفى ’شاهين‘ پڻ شاعري ڪندو هو. محبوب سنڌيءَ لِکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي، هن ڪيترائي ڊراما، ڪھاڻيون، ناول، شاعري، ۽ شخصيتن تي خاڪا لِکيا آهن. سندس لکيل مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف اَخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ٽڙيا ٽارين گل‘ (مختلف شاعرن جي گڏيل شاعري: 2015ع)، ’جلاوطن پکي‘ (ڪھاڻيون: 2018ع)، ’جھڙو ماهِه منير‘ (2019ع) ۽ ’هيمون‘ (ناول:2022ع) شامل آهن. سندس لِکيل ڊراما ’هڻ ته چٽي‘ (اِسٽيج ڊرامو)، ’جيئي عشق‘ (اِسٽيج ڊرامو)، ’وري ورندو واءُ‘ ۽ ’ڏوهاري ۽ لَڄَ‘ مختلف چئنلن تان نشر ٿي چُڪا آهن. هن ’حيوان‘ ۽ ’واسينگ نانگ‘ نالي سان ٽيلي فلمون پڻ لِکيون، جڏهن ته ڪجهه ٽيلي فلمن: ’زهريلو دُشمن‘، ’رات جو ويري‘ ۽ ’غيرت جو سوال‘ ۾ هن اَداڪاري پڻ ڪئي آهي. سندس ڪم جي قدرداني طور ’سنڌي اَدبي سنگت‘ پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ، ’غالب ملڪاڻي ايوارڊ، ’شھباز ايوارڊ‘، ’اُستاد بُخاري ايوارڊ‘، ’شھيد هيمون ڪالاڻي ايوارڊ‘ ۽ ’آفتاب‘ اَخبار پاران سرٽيفيڪٽ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ ’سنڌي ادبي سنگت‘ شاخ ڪوٽڙيءَ جو چار ڀيرا سيڪريٽري به رهيو آهي.


لفظ محبوب سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.24  عيسوي

مشھور ڊرامه نويس، شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس محبوب سنڌي ولد غلام مصطفى ڪنڀر جو جنم 24 مارچ 1982ع تي دادو شھر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو خاڪي
شيطان فقير
خادم حسين ابڙو
امر پيرزادو
ڄام مراد علي جوکيو
شيخ محمد
سلطان علي شاهه
اٻوجهو الهه بخش
پيرزادو رحمت الله
ڪيف رضواني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون